ڀارتي ڪرڪيٽر آءِ پي ايل ۾ موقعو نه ملڻ تي پاڻ ماري ڇڏيو

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽر انڊين پريميئر ليگ (آءِ پي ايل) ۾ موقعو نه ملڻ تي آپگهات ڪري ڇڏيو.

ڀارت ۾ آئي ڏينهن آپگهات جون خبرون سامهون اينديون آهن، جن ۾ شوبز شخصيتن سان گڏوگڏ ڪرڪيٽر پڻ شامل آهن.

انڊين پريميئر ليگ جو 13هون ايڊيشن ڪورونا وائرس سبب هن ڀيري دبئي ۾ ٿيندو پر ايڊيشن لاءِ نه چونڊجڻ ۽ پنهنجون صلاحيتون ڏيکارڻ جو خواب پورو نه ٿي سگهڻ تي 27 ورهين جي ڀارتي ڪرڪيٽر ڪرن راڌي شيام تيواري زندگي جو انت آڻي ڇڏيو.

ممبئي جي علائقي ملاڊ جي ڌام شياب سوسائٽي ۾ رهندڙ ڪرن راڌي شيام تيواري سومر جي رات گهر اندر پکي ۾ لڙڪي آپگهات ڪيو، اطلاع تي پوليس پهچي نوجوان جو مڙهه پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال پهچايو.

پوليس موجب ڪرن آپگهات کان اڳ ادي پور ۾ رهندڙ پنهنجي هڪ دوست کي زندگي جو ڏيئو اجهائڻ جو ٻڌائي چڪو آهي، هو آءِ پي ايل ۾ موقعو نه ملڻ تي گهڻو پريشان هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.