اسان کي جنگلا بس جا مهڻا ڏيندڙ وزيراعظم سڀاڻي ميٽرو بس جو قصيدو پڙهندو: احسن اقبال

 

پشاور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ جي سيڪريٽري جنرل احسن اقبال چيو آهي ته ڪالهوڪي واقعي سان حڪومتي بزدلي ۽ بوکلاهٽ واضح ٿي وئي، اسان جي روايتن جي عورتن جي احترام جو درس ڏنو ويندو آهي.

پشاور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي احسن اقبال چيو ته حڪومت ۾ همت آهي ته کليل نموني اسان سان اسيمبلي اندر ڳالهائي، حڪومتي حربن سان مريم نواز ۽ ن ليگ ڪارڪن پوئتي نه هٽندا.

هن چيو ته نواز شريف جي حڪومت پاڪستان کي اونداهين مان ڪڍيو ۽ پرامن رکڻ لاءِ ڪم ڪيو، اسان خلاف سازش ۽ ڌانڌلي ڪئي وئي.

سندس چوڻ هو ته عمران خان قوم جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو ۽ پرڏيهي پاليسي تباهه ڪري ڇڏي، حڪومت ايم ايل ون ريلوي منصوبي کي طورخم بدران پشاور تائين رکيو.

احسن اقبال چيو ته بي آر ٽي سڄي دنيا ۾ لطيفو بڻجي ويو آهي، اسان کي جنگلا بس جا مهڻا ڏيندڙ وزيراعظم سڀاڻي ميٽرو بس جو قصيدو پڙهندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.