عورت صحافين جو حڪومتي شخصيتن جي آن لائن حملن کان تحفظ فراهم ڪرڻ جو مطالبو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) عورت صحافين جي هڪ گروپ ۽ تجزيه ڪارن تحفظ فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪندي دعويٰ ڪئي آهي ته سوشل ميڊيا تي مبينا طور تحريڪ انصاف جي حڪومت جي حامي ماڻهن طرفان هنن تي ” توهين جوڳا حملا“ ٿي رهيا آهن.

مختلف صحافتي ادارن سان تعلق رکندڙ 16 عورت صحافين ۽ تجزيه ڪارن گڏيل بيان ۾ چيو ته آن لائن حملن کي نظر ۾ رکندي صحافتي صنعت ۾ ڪم ڪرڻ انتهائي ڏکيو ٿي ويو آهي.

سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري بيان ۾ چيو ته آن لائن هراسان بڻجندڙ عورتون مختلف نظرين واريون آهن جيڪي پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت تي تنقيد ڪنديون آهن.

هن چيو ته ڪورونا وائرس وبا کي منهن ڏيڻ لاءِ حڪومت پاليسين تي ڄاڻايل عورتن سخت تنقيد ڪئي هئي.

مهمل سرفراز، بينظير شاهه، عاصمه شيرازي، ريما عمر ۽ منيزي جهانگير انهن عورت صحافين ۽ تجزيه ڪارن ۾ شامل آهن جن دستاويزن تي صحيحون ڪيون.

بيان ۾ چيو ويو آهي ته حڪومتي اختيارين آن لائن حملن تي ورغلايو ۽ ان کان پوءِ ٽوئيٽر اڪائونٽس تي وڏي انگ ۾ شيئر ڪيو ويو ۽ هنن پنهنجي وابستگي حڪمران پارٽي سان ظاهر ڪئي.

پڌرائي موجب عورت صحافين ۽ تجزيه ڪارن جي تصويرن ۽ ويڊيوز کي منظم مهم جي تحت خراب حالت ۾ پکيڙيو پيو وڃي.

هنن چيو ته هنن کي سوشل ميڊياتي ڪوڙي خبر پکيڙيندڙ، عوام جو دشمن ۽ رشوت خور قرار ڏنو ويو جيئن صحافتي ساک متاثر ٿئي.

پڌرائي موجب آن لائن حملاڪندڙن جي صنف جي بنياد تي هنن کي تذليل جو به نشانو بڻايو ۽ جسماني يا جنسي تشدد جون ڌمڪيون ڏنيون ويون.

بيان ۾ چيو ويو ته رپورٽرز ۽ تجزيه ڪارن جي سوشل ميڊيا اڪائونٽ کي هيڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.

بيان ۾ حڪومت کان مطالبو ڪيو ويو ته پنهنجي ڪارڪنن کي ميڊيا ۾ هر هر عورتن کي نشانو بڻائڻ کان روڪيو، پارٽي جي سمورن ميمبرن کي هڪ واضح پيغام موڪليو ته سڌو سنئون يا بلاواسطه آن لائن هراسان ڪرڻ کان باز رهن.

شيرين مزاري:

بيان تي رد عمل جو اظهار ڪندي انساني حقن واري وفاقي وزير شيرين مزاري چيو ته عورت صحافين کي نشانو بڻائيندڙن ۽ انهن جي خلاف تذليل جوڳيون ڳالهيون ڪرڻ پريشان ڪندڙ آهي.

پڌرائي ۾ قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جي انساني حقن بابت اسٽيڊنگ ڪميٽي کان به ڌمڪي جوڳي ماحول جو نوٽيس وٺڻ ۽ حڪومت کي جوابدار رکڻ جو مطالبو ڪيو ويو.

بلاول ڀٽو زرداري:

ان جي جواب ۾ پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ٽوئيٽ ڪيو ته عورت صحافين کي انساني حقن جي ڪميٽي جي سربراهه جي حيثيت سان ڌمڪين جو نوٽيس ورتو آهي.

هن چيو ته توهان سڀني کي دعوت ڏيڻ چاهيندس ته هو اسان جي ڪميٽي جي سامهون مسئلو مختصر طور تي پيش ڪري.

محسن داوڙ:

ايم اين اي محسن داوڙ صحافين جي بيان تي تبصرو ڪندي چيو ته ڌمڪين سان تنقيد جو جواب ڏيڻ فاشزم جي علامت آهي.

هن ٽوئيٽ ۾ چيو ته آزادي اظهار تي يقين رکندڙن کي پنهنجي اختلافن کي هڪ پاسي رکندي انهن فاشٽاڻين تدبيرن جي مذمت جي لاءِ گڏ ٿيڻ گهرجي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.