”پ پ سدائين نوجوان دوست پاليسيون متعارف ڪرايون“

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته خوابن جي تعمير لاءِ درست قدم کڻنداسين ته نوجوانن جو آئندو روشن هوندو.

نوجوانن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته نوجوانن کي حقيقي طور بااختيار بڻائڻ گهرجي، پاڪستان جي آبادي جو 64 سيڪڙو 20 سالن کان گهٽ عمر جي ماڻهن تي ٻڌل آهي.

هن چيو ته ملڪي معاملن ۾ ڀائيواري ڏيڻ لاءِ پ پ سدائين نوجوان دوست پاليسيون متعارف ڪرايون، شهيد ذوالفقار علي ڀُٽو سڄي ملڪ جي نوجوانن کي متحرڪ ڪيو.

سندس چوڻ هو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو نوجوانن لاءِ تعليم ۽ روزگار جا موقعا پيدا ڪيا، پ پ اڪيلي جماعت آهي، جنهن ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ تعليمي ادارا ٺاهيا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.