لاڪ ڊائون کان پوءِ سنڌ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر ٻيلهه سواري تي پابندي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت پهرين کان 10 محرم الحرام تائين موٽر سائيڪل جي ٻيلهه سواري تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي.

تفصيل موجب سنڌ حڪومت محرم الحرام ۾ امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ ۽ سيڪيورٽي کي فول پروف بڻائڻ جي لاءِ مختلف قدم کنيا آهن. جڏهن پهرين کان 10 محرم الحرام تائين موٽر سائيڪل جي ٻيلهه سواري تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي.

گهرو کاتي حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو آهي جنهن جي موجب سڄي صوبي ۾ پهرين کان 10 محرم الحرام تائين موٽر سائيڪل جي ٻيلهه سواري تي پابندي لاڳو هوندي، پر قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا اهلڪار، پوليس ۽ رينجرز اهلڪار، صحافي، بزرگ، عورتون ۽ 12 سالن کان گهٽ عمر جا ٻار ٻيلهه سواري تي پابندي کان آجا هوندا.

سنڌ حڪومت طرفان جاري نوٽيفڪيشن موجب 5 کان وڌيڪ ماڻهن جي گڏ ٿيڻ تي به قلم 144 لاڳو ڪيو ويو آهي پر پنج کان وڌيڪ ماڻهن جي گڏ ٿيڻ وارو قانون مجلس ۽ محرم جي جلوسن تي لاڳو نه هوندو، 9 ۽ 10 محرم تي هر قسم جو هٿيار کڻي هلڻ جي اجازت به نه هوندي، پوليس، رينجرز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن تي هٿيار کڻي هلڻ تي پابندي لاڳو نه ٿيندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.