سنجي دت ڦڦڙن جي ڪينسر ۾ مبتلا

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي  ووڊ ۾ سنجو بابا جي نالي سان مشهور ڀارتي اداڪار سنجي دت ڦڦڙن جي ڪينسر ۾ مبتلا ٿي ويو آهي.

خيال رهي ته ٻه ڏينهن اڳ سنجي دت کي ساهه کڻڻ ۾ تڪليف سبب ممبئي جي اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو هو جتان هو هڪ ڏينهن کان پوءِ گھر منتقل ٿي ويو هو ۽ هن جي ڪورونا ٽيسٽ به ناڪاري آئي هئي.

بالي ووڊ انڊسٽري ۾ مناڀائي ۽ سنجو بابا جي نالي سڃاتو ويندڙ 61 ورهين جي اداڪار ٽوئيٽر تي پوسٽ ۾ چيو ته هو علاج سبب ڪجهه وقت لاءِ وقفو وٺي رهيو آهي.

هن چيو ته منهنجا دوست ۽ گھر وارا مون سان گڏ آهن، چاهيندڙن کي اپيل آهي ته اهي پريشان نه ٿين ۽ غير ضروري ڳالهين کان پاسو ڪن.

 

سندس چوڻ هو ته اوهان جي پيار ۽ نيڪ تمنائن سب جلد واپس اچي ويندس.

ٻي پاسي ڀارتي ميڊيا موجب اداڪار سنجي دت کي ڦڦڙن جي ڪيسرن جي تصديق ٿي آهي جنهن جو علاج هو آمريڪا مان ڪرائيندو ۽ هو فوري طور تي آمريڪا روانو ٿي رهيو آهي.

سنجي دت جي هڪ ويجهي دوست موجب ڪينسر اڃا علاج جوڳي آهي پر ان لاءِ فوري علاج شروع ڪرڻو پوندو.

بالي ووڊ فلمن تي تبصرو ڪندڙ ڪومل نيهتا تصديق ڪئي ته سنجي دت کي ڦڦڙن جي ڪينسر آهي ۽ هو جلد آمريڪا روانو ٿي رهيو آهي.

هن ٻڌايو ته سنجي دت کي اها خبر ٻڌي ڌچڪو لڳو ۽ پنهنجي ننڍن ٻارن لاءِ گھڻو فڪر مند آهي جيڪي هن وقت ماءُ سان گڏ دبئي ۾ آهن.

ممبئي جي ليلاوتي  اسپتال جي عهديدار نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ڀارتي اخبار کي ٻڌايو ته سنجي دت کي اسٽيج 4 ڦڦڙن جي ڪينسر آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.