لاڪ ڊائون دوران مل مان برطرف ٿيل پورهيتن جي واهر ٿيڻ گهرجي

حسيب لطيفي

چائنه جي ووهان شهر کان شروع ٿيندڙ ڪورونا وائرس جي وبا سبب دنيا ۾ هن وقت تائين 2 ڪروڙ 5 لک 41 هزار 757 تائين ماڻهو متاثر ٿيا، جڏهن ته 7 لک 46 هزار 325 فوت ٿي چڪا آهن، متاثرين مان هڪ ڪروڙ 34 لک 60 هزار 489 ماڻهو صحتياب پڻ ٿيا آهن، جتي وبا سبب انساني جانيون ضايع ٿيون، اتي دنيا جي معشيت کي وڏو ڌچڪو پڻ لڳو آهي، پاڪستان ۾ جڏهن لاڪ ڊائون شروع ٿيو ته پاڪستان جي وزير اعظم اهو اعلان ڪيو ته لاڪ ڊائون دوران ڪنهن به فيڪٽري، ڪارخاني مان هڪ به پورهيت کي برطرف يا بيروزگار نه ڪيو ويندو. پر ان جي ابتڙ وزيراعظم جي واضح حڪمن باوجود ٽنڊو محمد خان جي سنڌ آبادگار شوگر ملز پاران پورهيتن کي برطرف ڪري سندن پگهارون به روڪيون ويون.

سنڌ آبادگار شگر ملز جي اهڙي عمل خلاف شهري ايڪشن ڪميٽي ۽ برطرف پورهيتن جي اپيل تي پيپلز ليبر بيورو، نوجوان شهري ايڪشن ڪميٽي، سنڌ ترقي پسند پارٽي، سنڌ نيشنل پارٽي، پ پ شهيد ڀٽو، قومي عوامي تحريڪ، پاڪستان تحريڪ انصاف، نوجوان فورم، سنڌي ادبي سنگت، ريڊ ورڪرز، هيومن رائيٽس سميت مختلف تنظيمن جي سوين ڪارڪنن ريلوي اسٽيشن کان احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪيو.

زاهد جسڪاڻي، برطرف پورهيت غلام قادر شورو، حڪيم دستي، اقبال حاجاڻو، اعظم ڀٽي، دودو هاليپوٽو، طارق پٺاڻ، حيدرآباد يونين آف جرنلسٽ جو خزانچي رمضان شورو، عاقب ميمڻ، زين العابدين ميمڻ، رمضان رند، عبدالمجيد پنهور، اسحاق سومرو، غلام حسين سولنگي، پپو سهيل ملاح جو چوڻ هو ته وزير اعظم جي واضع اعلان باوجود سنڌ آبادگار شوگر ملز مان مزدورن کي برطرف ڪرڻ نه صرف مزدورن دشمن عمل آهي، مل دشمن عمل پڻ آهي. ڇاڪاڻ ته ڪجھ مزدور دشمن انتظاميه، مزدور دشمن پاليسين تي هلندي شوگر ملز کي ناقابل طلافي نقصان پهچايو آهي،  ملز جا ڪجھ آفيسر مزدور دشمني ۾ ايترو ته انڌا ٿي ويا آهن جو هنن مزدورن جو علاج معالج ڪندڙ ۽ مزدورن جي ٻارڙن جي پڙهائي جو خرچ ڀريندڙ ۽ اسڪالپرشپ ڏيندڙ اداري سنڌ سوشل سڪيورٽي انسٽيٽيوٽ سان 2015 کان لاتعلقي ڪري ڇڏي آهي، جنهن سبب مزدور علاج معالج جي سهولتن ۽ ٻارڙن جي پڙهائي جي خرچ کان محروم ٿي ويا آهن.ايتري تائين جو ملز جي پورهيتن کي بلاجواز بغير پگهار وڌائڻ ۽ سهولتون ڏيڻ جي پورهيتن کي آفيسر ڊڪلئير ڪري کانئن پورهيتن واريون سهولتون کسيون ويون آهن، جنهن سبب ڪيترن ئي ملازمن کي اِي بي او آئي اولڊيج بينيفٽ ڪارڊ کان پڻ محروم ڪيو ويو آهي، جيڪا سراسر مزدور دشمني آهي. هنن اهو به الزام مڙهيو ته ملز انتظاميه ڄاڻي ٻجهي پورهيتن کي ايملائمينٽ ڪارڊ نه ڏيئي رهي آهي، ڇاڪاڻ ته ايمپلائيمينٽ ڪارڊ ڏيڻ کانپوءِ انتظاميه کي 3 مهينا ڪم ڪندڙ پورهيت کي پرمنٽ ڪرڻو پوي ٿو ۽ ان کي مزدورن کي مليل آئيني ۽ قانوني حق ڏيڻا پون ٿا، ملز انتظاميه پنهنجو ٿورو پئسو بچائڻ جي ڪري مزدورن سان زيادتي ڪري رهي آهي.

اڳواڻن جو چوڻ هو ته سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جا واضح حڪم آهن ته هر ڪارخانو پنهنجو منافعو ظاهر ڪري جنهن مان 5 سيڪڙو اتان جي پورهيتن کي ڏنو وڃي پر سنڌ آبادگار شوگر ملز جي مزدور دشمن آفيسرن منافعو ظاهر ڪرڻ کانسواء ئي مزدورن کي صرف 800 کان 3000 تائين 5 سيڪڙو ڏيئي جان ڇڏائي آهي. هنن مطالبو ڪيو ته ملز انتظاميه فوري طور پنهنجو ساليانو منافعو ظاهر ڪري مزدورن کي ان منافعي موجب 5 سيڪڙو ڏنو وڃي.

اڳواڻن چيو ته 15 ڏينهن گذري چڪا آهن، مزودور احتجاج ڪري رهيا آهن، پر ان جي باوجود به ضلعي انتظاميه پورهيتن ڏانهن لڙي نه آئي آهي ۽ خاموش تماشائي جو مظاهرو ڪري رهي آهي، جيڪا به سراسر زيادتي آهي. هنن چيو ته ڪنهن به مزدور کي برطرف ڪرڻ کان اڳ کين چارج شيٽ ڪيو ويندو آهي پر سنڌ آبادگار شوگر ملز انتظاميه لاڪ ڊائون دوران وزيراعظم جي حڪم کي ٿڏيندي بغير چارج شيٽ جي ۽ بغير ڪنهن الزام جي غلام قادر شورو ، شڪور ڪنڀار سميت ڪيترن ئي ملازمن جا گيٽ بند ڪري کين ڊيوٽي تي کڻڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

لاڪ ڊائون کانپوءِ سنڌ جي مختلف شهرن مان هزارين پورهيتن کي برطرف ڪيو ويو، احتجاج ڪرڻ تي ڪيترن خلاف ڪيس به داخل ڪيا ويا، پر حڪومت مزدورن دشمن اهڙي عمل خلاف خاموش ڇو آهي، لاڪ ڊائون دوران وزير اعظم جو اهڙو اعلان ته ڪنهن کي به برطرف نه ڪيو ويندو، مزدورن کي هڪ اميد هئي ته جيڪڏهن هي وبا ڪجهه ڏينهن هوندي به ته سندن چلهه نه وسامبي يا سندن ٻچا بکون ڪاٽڻ تي مجبور نه هوندا، پر اهڙي عمل ۽ حڪومت طرفان ڪوبه قدم نه کڻڻ سان مزدورن ۾ مايوسي ڇانيل آهي، تنهن ڪري حڪومت کي گهرجي ته فورن ڪميٽي جوڙي پاڪستان مان ڪنهن به فيڪٽري يا ڪارخاني مان ڪنهن مزدورن کي بيروزگار ڪيو ويو آهي ته فوري طور تي انهن کي بحال ڪرايو وڃي ۽ سندن نقصان جو ازالو ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.