نوابشاهه: 17 ڪارڪنن جو جسقم۽ جسمم ڇڏي قومي ڌارا ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان

عوامي آواز رپورٽ
نوابشاهه: 17 ڪارڪنن جو جسقم۽ جسمم ڇڏي قومي ڌارا ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان
عوامي آواز رپورٽنوابشاهه: 17 ڪارڪنن جو جسقم۽ جسمم ڇڏي قومي ڌارا ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان

ضلعي شهيد بينظير آباد جي مختلف علائقن سان تعلق رکندڙ 17 کان مٿي ڪارڪنن جسقم، جسمم ڇڏي قومي ڌارا ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو، نوابشاهه پريس ڪلب ۾ جاويد خاصخيلي، علي خاصخيلي ۽ ٻين عهديدارن ۽ ميمبرن سان گڏ اعلان ڪندي چيو ته اسان اڄ کان جسمم ۽ جسقم کان بلڪل لاتعلقي جو اعلان ڪيون ٿا ۽ اسان جي ذهنن ۾ جيڪي غلط سوچ پيدا ڪئي وئي هئي اڄ اسان کي احساس ٿيو آهي ته پاڪستان اسان جو پنهنجو ملڪ آهي ۽ سي پيڪ سنڌ ۽ پاڪستان جي ترقي جو منصوبو آهي، ان موقعي تي قومي ڌارا ۾ شامل ٿيندڙن ۾ جاويد خاصخيلي، علي خاصخيلي، فدا خاصخيلي، پهلوان خاصخيلي، شهمير خاصخيلي، قمر ڏاهري، مقيم جمالي، شڪيل جمالي، امداد مهيسر، ستار ڪنڀر، مرتضيٰ سولنگي، وسيم خاصخيلي، سائين بخش جمالي، اعجاز خاصخيلي، عمران راجپوت، اياز جمالي، مجيب ڀنگوار ۽ ٻيا شامل آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.