ڪراچي ۾ عيدالاضحيٰ کان پوءِ ڪانگو وائرس جو پهريون ڪيس سامهون اچي ويو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) شهر ۾ عيدالاضحيٰ کان پوءِ ڪانگو وائرس جو پهريون ڪيس سامهون اچي ويو آهي.

جناح اسپتال جي ايگزيڪٽو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر سيمي جمالي موجب ڪراچي جي علائقي لائنز ايريا جي رهواسي 31 سالن جي وقاص کي تيز بخار سبب اسپتال آندو ويو. مريض کي هڪ هفتي کان پيٽان رت اچڻ جي شڪايت هئي.

متاثر شخص جي ٽيسٽ ڪرائڻ تي ڪانگو وائرس جي تصديق ٿي آهي، جنهن کان پوءِ هن کي آئيسوليٽ ڪري علاج ڪيو پيو وڃي، واضه رهي ته هلندڙ سال ڪانگو وائرس سان هڪ فوتگي به ٿي چڪي آهي جڏهن ته چار ڪيس رپورٽ ٿي چڪا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.