ملير: گلشن حديد ۾ اسٽال تي ڪريڪر حملو، 5 ڄڻا زخمي

 

ملير (ويب ڊيسڪ) ملير جي علائقي گلشن حديد ۾ اسٽال جي ڪريڪر حملي ۾ 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

پوليس موجب جوابدارن گلشن حديد جي ديارِ حبيب مسجد ڀرسان هڪ اسٽال کي نشانو بڻايو، جتي آزادي ڏهاڙي جون شيون ملي رهيون هيون.

پوليس ٻڌايو ته اسٽال تي ڪريڪر حملو ڪيو ويو، جيڪو زوردار ڌماڪي سان ڦاٽي پيو ۽ نتيجي ۾ 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.