ڇوڪرو هجان ها ته ڪنهن يتيم ڇوڪريءَ سان شادي ڪيان ها: نيلم منير

 

من موهڻي اداڪارا نيلم منير چيو آهي ته جيڪڏهن مان ڇوڪرو هجان ها ته ڪنهن يتيم ڇوڪريءَ سان شادي ڪري سندس سهارو بڻجان ها.

هڪ انٽرويو ۾ نيلم منير پنهنجي شادي جي حوالي سان ڳالهائيندي چيو ته اهڙي شخص سان شادي ڪنديس، جيڪو پنهنجي ماءُ سميت گهر ڀاتين جي عزت ڪندو هجي.

هن چيو ته مان شادي کان اڳ ملاقاتن جي مخالف آهيان، ڇو ته منهنجي نظر ۾ شادي کان اڳ ڪنهن لاءِ سنبرڻ ۽ تيار ٿيڻ سٺو ناهي، اهو سڀ شادي کانپوءِ ٺهي ٿو، شادي کان اڳ محبت تي يقين نٿي رکان.

نيلم منير پنهنجي مرد مداحن کي صلاح ڏني ته اهي دارالامان ۽ ايڌي سينٽر وڃي يتيم ڇوڪرين سان شادي ڪري سندن زندگي تبديل ڪن.

هن چيو جيڪڏهن منهنجو ڪو ڀاءُ هجي ها ته ان کي به اها ئي صلاح ڏيان ها ته ڪنهن يتيم ڇوڪريءَ سان شادي ڪري سندس سهارو بڻجي.

اداڪارا مردن کي بيواهه ۽ طلاقيل عورتن سان به شادي ڪرڻ جي تجويز ڏيندي چيو ته جيڪڏهن مان ڇوڪرو هجان ها ته ڪنهن يتيم ڇوڪريءَ سان شادي ڪري ان جو سهارو بڻجان ها.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.