ايڇ آر ڊبليو جي رپورٽ رد، ادارا فرض انجام ڏيندا رهندا: نيب

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) قومي احتساب بيورو هيومن رائٽس واچ بابت ميڊيا رپورٽن کي رد ڪندي چيو آهي ته هو قانون جي موجب پنهنجا فرض انجام ڏيندو رهندو.

نيب پنهنجي وضاحتي بيان ۾ چيو ته ميان جاويد احمد جو عدالتي تحويل ۾ ڪيمپ جيل لاهور ۾ لاڏاڻو ٿيو، هو نيب جي تحويل ۾ نه هو ان ڪري نيب جي حوالي سان شايع ٿيل اطلاع مڪمل طور تي غلط آهن ۽ انهن جو حقيقتن سان ڪو به تعلق ناهي.

بيان ۾ چيو ويو ته ميان جاويد احمد پروفيسر نه هو پر هڪ غير قانوني ڪيمپس جو مالڪ هو جيڪو سرگوڌا يونيورسٽي جو نالو غلط طريقي سان استعمال ڪري رهيو هو، هنن جي خلاف سرگوڌا يونيورسٽي جي وائس چانسلر طرفان شڪايت داخل ڪرائي وئي هئي ته هو يونيورسٽي جي نالي ۽ انداز ۾ غير قانوني ڪيمپس هلائي رهيو آهي.

بيورو چيو ته اِهو به واضح ڪرڻ ضروري آهي ته ميان جاويد معصوم شاگردن کان لکين رپيا ڦريا ۽ هنن کي خواب ڏيکاريا ته هو تعليمي سال مڪمل ٿيڻ تي هنن کي ڊگري ڏيندا جيڪا هنن کي ڪڏهن به نه ڏني وئي، ان ڪري هنن سزا جهڙو ڏوهه ڪيو جنهن جي حقيقت 21 ڊسمبر 2018ع کي اخبارن ۾ شايع ڪيو ويو.

بيان ۾ اڳوڻي وائس چانسلر پنجاب يونيورسٽي ڊاڪٽر مجاهد ڪامران بابت الزامن کي بي بنياد ۽ غلط قرار ڏيندي چيو آهي ته هي الزام ڪوڙا ۽ بي بنياد ثابت ٿيا آهن.

بيورو تفصيل ٻڌائيندي چيو ته نيب لاهور هاءِ ڪورٽ جي هدايتن تي مبينا غير قانوني ڀرتين جي انڪوائري شروع ڪئي، نيب کي اِها شڪايت هاءِ ڪورٽ جي 27 آڪٽوبر 2016ع جي فيصلي جي ذريعي موڪلي وئي ۽ اِهو به چيو ويو ته اڳوڻي وائس چانسلر مبينا طور تي اڳوڻي رجسٽرار سان گڏجي 2013ع کان 2016ع جي وچ ۾ يونيورسٽي ۾ گريڊ 17، 18 ۽ 19 ۾ 550 غير قانوني ڀرتيون ڪيون.

اِهي ڀرتيون ڪنٽريڪٽ تي ڪيون ويون ۽ ڪنٽريڪٽ ختم ٿيڻ کان پوءِ انهن کي ٻيهر ڪنٽريڪٽ ڏنو ويو ۽ پوءِ اڪثريت کي مرحليوار بنيادن تي مستقل ڪيو ويو.

شڪايت موجب ڪامران مجاهد مبينا غير قانوني ڀرتين جي لاءِ هنگامي اختيار استعمال ڪيا، پر لاهور هاءِ ڪورٽ جي جج الله نواز جي فيصلي موجب هنگامي اختيار جنگ، قدرتي آفت يا سينڊيڪيٽ جو اجلاس نه ٿيڻ جي صورت ۾ استعمال ڪيو ويندو آهي.

بيان ۾ چيو ويو ته نيب جي تحويل ۾ اڳوڻي وائس چانسلر پنجاب يونيورسٽي لاهور نيب جي خلاف ڪجهه بي بنياد الزام هنيا جيڪي هن جي ٻين ساٿين نه هنيا جيڪي انهيءَ نيب جي تحويل ۾ هئا.

بيورو انهن جي الزامن کان پوءِ نيب چيئرمين جسٽس ريٽائرڊ جاويد اقبال جي هدياتن تي هن جي گهرواري جي قيادت ۾ پنجاب يونيورسٽي جي پروفيسرز جي هڪ گروپ کي دعوت ڏني ۽ هنن کي حقيقي زميني صورتحال کان آگاهه ڪيو ڇو ته نيب قانون موجب هر شخص جي عزت نفس جو احترام ڪندو آهي، پنجاب يونيورسٽي جي پروفيسرز جي هڪ وفد نيب تي هنيل غلط الزامن تي معافي گهري.

بعد ۾ نيب انساني حقن جي باري ۾ قومي ڪميشن (اين سي ايڇ آر) جي وفد کي دعوت ڏني جنهن چيئرمين اين سي ايڇ آر جسٽس علي نواز جي قيادت ۾ نيب لاهور جي آفيس جو دورو ڪيو، اين سي ايڇ آر جي وفد کي نيب لاهور جي دوري دوران تحويل ۾ ورتل جوابدارن کي فراهم ڪيل سهولتن بابت آگاهه ڪيو.

 انساني حقن بابت قومي ڪميشن نيب جي تحويل ۾ جوابدارن کي فراهم ڪيل سهولتن تي اطمينان جو اظهار ڪيو، پر نيب لاهور سمورن وڏن ميڊيا جي ادارن جي سينيئر صحافين کي به دعوت ڏني، هنن به نيب لاهور طرفان فراهم ڪيل سهولتن تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ ڪامران مجاهد جي الزامن کي رد ڪري ڇڏيو.

ان کان پوءِ نيب احتساب عدالت لاهور ۾ ڪامران مجاهد ۽ ٻين جي خلاف بدعنواني جو ريفرنس به داخل ڪيو جيڪو عدالتي معاملو آهي.

نيب جنگ گروپ جي مالڪ مير شڪيل الرحمان بابت الزامن کي واضح طور تي رد ڪندي چيو ته احتساب بيورو، ميڊيا جي آزادي تي ڀرپور يقين رکون ٿا ۽ قانون جي موجب پنهنجا فرض انجام ڏيندا رهنداسين.

وضاحتي بيان ۾ چيو ويو ته نيب ڪيترائي ڀيرا ميڊيا کان درخواست ڪئي آهي ته هو انڪوائريون، جاري جاچ ۽ ريفرنسز ۾ قانون جي موجب نيب جو نظريو حاصل ڪرڻ کان سواءِ اڳڪٿين کان پاسو ڪري، جڏهن ته نيب ڪارروائي جو حق رکي ٿو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.