ڪشمير بڻيل ڪارونجهر جي پُڪار

غازي بجير

سنڌ جو پُٺتي پيل خطو ۽ وسيلن سان مالامال ٿر جيڪو اگر برسات نه پوي ته مسئلن ۾ گهيريل هجي ٿو ۽ برسات پوي ته وري هُو ڪشمير ۽ ڪوهه مري کان به وڌيڪ خوبصورت لڳندو آهي، هن وقت خاص طور ننگرپارڪر تي زبردست برساتون پيون آهن، جنهن سبب ڪارونجهر ۽ آسپاس منظر دلڪشن ڏسڻ وٽان آهن، ڪارونجهر جي وسيلن سان مالامال آهي، جتي گرينائيٽ پٿر، چائنا ڪلي، لوڻ کاڻين سميت ٻئي معدنيات موجود آهي، ڪارونجهر جي هنج ۾ هزارين سال انگريزن جي دور جا پُراڻا ۽ سنگ مرمر جي پٿرن سان ٺهيل خوبصورت ثقافتي ماڳ موجود آهن، پر اُنهن جي سار سنڀار نه ٿيڻ ڪري هُو ڀڄي ڀُري تباهه ٿي رهيا آهن.

سنڌ حڪومت خطي جي سُڃاڻپ وارن قديمي ماڳن جي سارسنڀار لهڻ بدران مختلف مذهبي مندرن کي رنگ ڪرائڻ جو ٺيڪو ڪنهن اداري کي ڏيئي ڇڏيو آهي، جنهن سبب هن وقت گوڙي مندر، جين درم جي مندرن توڙي ڏيرن تي اڇي رنگ جو ڪلر ڪري اصلي سُڃاڻپ ۽ چٽ سالي کي ختم ڪيو پيو وڃي، جيڪو هتان جي ثقافت توڙي قديمي ماڳن جي سونهن سان هٿ چُراند آهي، ڪارونجهر جي هنج ۾ موجود ثقافتي ماڳ جي انگريزن جي دور ۾ سنگ مرمر جي پٿر ۽ چٽ سالي سان ٺاهيا ويا هئا، جيڪي ڀڄي ڀُري تباهه ٿيڻ بعد به ايندڙ ماڻهن هڪ تفريح ماڳن جو مثال بڻيل آهن، پر هن وقت مختلف قديمي ماڳن کي ڪلر ڪرڻ عيوض انهن جي اصلي سونهن ختم ٿي رهي آهي، جنهن تي علائقي واسي سخت پريشان آهن، ڪارونجهر واسين توڙي هتان جي سڄاڻ ڌرين مطالبو ڪيو آهي ته ڪارونجهر جي هنج ۾ ٺهيل قديمي ماڳ دنيا ۾ به ڪٿي نه ملندا، هي انگريزن جي دور ۾ جهڙي نموني ٺهيا، جنهن بعد هڪ مثال بڻيل آهن، پر تازو انهن ماڳن مان گوڙي جي مندر، جين درم جي مندرن سميت ڏيرن تي ڪلر ڪيو پيو وڃي، جنهن سبب اُنهن ماڳن جي اصلي سُڃاڻپ ختم ٿي رهي آهي، هي ماڳ سنگ مرمر جي خوبصورت پٿرن ۽ چٽ سالي سان ٺهيل آهن، مٿي رنگ روغن ڪرڻ سبب اُنهن جي چٽ سالي ختم ٿي رهي آهي، سنڌ حڪومت کي گهرجي ته انهن ماڳن هي خوبصورتي سان هٿ چُراند بدران اُنهن کي اصلي صورت ۾ بحال رکي ساڳئي پٿر ٻين ملڪن مان گهرائي بعد ۾ انهن کي بهتر ڪري، هن صورت ۾ اگر سمورن ماڳن تي ڪلر ڪيو ويو ته هُو پنهنجي اصلي سُڃاڻپ وڃائي ويهندا پوءِ ڪير به اُنهن کي ڏسڻ نہ ايندو ۽ هن خطي جي تاريخ دفن ٿي ويندي.

هن وقت ڪارونجهر جبل تي جهڙالي ۽ هلندڙ برسات جو مزو وٺڻ لاءِ ملڪ جي ڪنڊڪڙڇ مان هزارين سياح پهچي رهيا آهن، ريسٽ هائوسن ۾ اڳواٽ بڪنگ جي ڪري رهائش جي گنجائش موجود ناهي، جنهن سبب سياح رهائش لاءِ مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن، ڪيترائي سياح رهائش نه ملڻ جي ڪري مايوس ٿي واپس موٽي روانا ٿي ويا آهن، سانوڻي جي مند جي هلندڙ هلڪي هلڪي برسات ۽ جهڙالي موسم ڪارونجهر جو ناران ۽ ڪاغان جو ڏيک ڏيڻ لڳو آهي، ڪارونجهر جبل، مارئي جو کوھ، ساڙ ڌڙو ڌام، ڪاسبو ۽ چوڙيو جي تفريحي ماڳن تي هزارن جي تعداد ۾ سياح پهچي ويا آهن، جيڪي ڪارونجهر جبل ۾ سيلفيون ڪڍي لطف اندوز ٿي رهيا آهن، جڏهن ته سياحت کاتي طرفان سياحن لاءِ ڪي انتظام نه ڪيا ويا آهن، گذريل سال سياحت کاتي طرفان جيڪا روپلو ڪولهي جي نالي سان منسوب موٽيل کولي هئي، اها بہ وي آءِ پي ماڻهن لاءِ مخصوص ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ڪارونجهر جبل ۾ فيميلن سان گڏ ايندڙ سياحن لاءِ واش روم جي سهولت موجود نه آهي، جڏهن ته ڪارونجهر جبل جي پٿرن تي وال چاڪنگ ڪري سياح ڪارونجهر جي سونهن خراب ڪري رهيا آهن. تفريحي ماڳن ڏانهن ايندڙ ويندڙ رستن تي سائن بورڊ لڳل نه هجڻ جي ڪري سياح پريشاني کي منهن ڏئي رهيا آهن، سياحن جو چوڻ آهي ته سياحت کاتو سياحن کي سهولتون فراهم ڪري ته جيئن پريشاني ختم ٿي سگهي ۽ ڳرا خرچ ڪري غير ملڪن ۽ پاڪستان جي ٻين علائقن ۾ وڃڻ بدران ٿرپارڪر گهمون، جنهن سان سياحت کاتي جي آمدني ٿيندي ۽ سياحت کي فروغ ملندو، ڪارونجهر جي هنج سميت مختلف هنڌن تي سياحن کي تفريح ۽ ساهي پٽڻ لاءِ ٺاهيل ڪرسين مٿان لڳايل ڇتريون ٽُٽي اُڏامي ويون، مختلف هنڌن تي ايندڙ ماڻهن کي اُس کان بچائڻ لاءِ لکين روپيا خرچ ڪري لڳايل چتريون به سار سنڀال نه هجڻ ڪري ٽُٽي ڪري ڀڄي پيون آهن.

سياحت کاتي پاران نالي ماتر لڳايل ڇتريون ڀڄي ويون آهن، جتي رڳو لوهيون شيخون نظر اچي رهيون آهن، ڇتريون هيٺ ڪريل نظر اچن ٿيون، مارئي جي کوهه تي به ڪا سهولت ناهي، باقي سمورن چونئرن کي تالا هڻي هڪ چونئري کي کولي ڪلچرل کاتي جا ملازم گهمڻ ايندڙ سياحن کان في ماڻهو تي ڏھ ڏھ روپيا وصولي ڪري رهيا آهن، جنهن مان روزاني هزارين روپيا گڏ ٿين ٿا، پر مارئي ڪلچرل سينٽر تي پيئڻ جي مٺي پاڻي ۽ بجلي سميت ڪنهن به شئي جي ڪا سهوليت موجود ناهي، هڪڙي چونئري اندر رکيل مجسما ڏسڻ لاءِ ايندڙ سياحن کان پيسا وصول ڪري ڦريو پيو وڃي، ڪارونجهر تي زوردار برسات جو پڻ وسڪارو ٿيو، جنهن سبب پهتل سياحن رقص ڪري مزو ورتو.

هن وقت ڪارونجهر جبل کي برسات خوبصورت بڻائي ڇڏيو آهي، مارئي جي کوهه تي به ميلا متل آهن، مقامي رهواسين اُٺن ۽ گهوڙن کي سينگاري بيهاري ڇڏيو، جنهن سبب سياح اُٺن ۽ گهوڙن تي چڙهي لطف اندوز ٿي رهيا آهن، اُٺ تي چڪر لڳائڻ جا سئو ۽ گهوڙي تي 50 روپيا وصول ڪيا وڃن ٿا، جيڪي سياح خوشي خوشي ڏئي لطف اندوز ٿي رهيا آهن، جنهن سان ٿر جي تڪليفن ستايل مقامي ماڻهن لاءِ روزگار جو هڪ دروازو به کلي پيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.