قدرتي آفتون ۽ ادارن ۾ رابطن جو فقدان

دنيا ۾ قدرتي آفتن ۾ ڏينهون ڏينهن واڌارو ٿيندو پيو وڃي، دنيا ۾ گذريل هڪ ڏهاڪي اندر آفتن سبب لکين ماڻهو متاثر ٿيا، هزارين انساني جانيون ضايع ٿيون ۽ اربين روپين جو نقصان ٿيو، دنيا جي معشيت کي ڪاپاري ڌڪ لڳڻ سميت سرڪاري ۽ خانگي ملڪيتون تباهه ٿيون. تازو ڪورونا وائرس سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال مان اندازو  لڳائي سگهجي ٿو ته دنيا جي معشيت ڪٿي ٻيٺي آهي.  پاڪستان دنيا جي اهڙن ملڪن مان آهي، جتي مختلف صورتن ۾ آفتون اينديون رهنديون آهن، 2005 ۾ ايندڙ زلزلو هجي يا وري 2010 جي مها ٻوڏ توڙي 2011 ۾ برساتي ٻوڏ, ماڻهو پنهنجا اجها ڇڏڻ تي مجبور ٿيا، تازو ڪاڇي ۾ ايندڙ ٻوڏ سبب به هزارين ماڻهو متاثر ٿيا آهن.

2010 جي مها ٻوڏ توڙي 2011 جي برساتي ٻوڏ سبب لکين ماڻهو متاثر ٿيا، ماڻهن پنهنجا ڪکانوان گهر ڇڏي شهرن جو رخ ڪيو، هزارين ڳوٺ خالي ٿي ويا،  ماڻهو جڏهن واپس ٿيا ته سندن ڪکانوان ۽ ڪچا گهر پاڻي ۾ مسمار ٿي ويا، ايتري تائين جو ڳوٺن جا نالا نشان ئي ختم ٿي ويا. سندن ڳوٺ ۾ لڳل بجلي جو نظام درهم برهم ٿي ويو، بجلي جون تارون ته ڇا ٽرانسفارمر ئي چوري ٿي ويا، يا ته چوري يا واپڊا وارا کڻي ويا، جيڪي ڪنهن رڪارڊ ۾ ئي ناهن، ڇاڪاڻ ته رڪارڊ ۾ هجن ها ته يقينن ڳوٺاڻن کي اهي واپس ملن ٿا ۽ ٻيهر بجلي بحال ٿي وڃي ها، پر ائين نه ٿيو ۽ ماڻهو واپڊا جي بجلي بجاءِ سولر سسٽم تي هليا ويا، ۽ هن وقت سنڌ جا هزارين ڳوٺ جيڪي مڪمل سولر سسٽم استعمال ڪندا آهن، جڏهن ته شهرن ۾ اڪثر سولر اسپتال ٿيندي نظر اچي ٿي.

ان ۾ ڪوبه شڪ ڪونهي ته پاڪستان جي آبادي ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿيندو پيو وڃي، پر ساڳئي وقت بجلي پيدا ڪندڙ ذريعا به وڌندا پيا وڃن، پاڪستان جي هڪ وڏي آبادي سولر سسٽم تي هلي وئي آهي، جڏهن ته جهمپير ۾ هوا تي ٺهندڙ بجلي توڙي  ٿر ڪول مان ٺهندڙ بجلي به نيشنل گرڊ اسٽيشن تائين پهچي چڪي آهي ۽ ٻيا به ڪيترائي ذريعا آهن، جنهن سان بجلي پيدا ٿئي ٿي، پر تنهن هوندي به بجلي جي لوڊ شيڊنگ ۾ ڪابه گهٽتائي نه آئي آهي، شهري علائقن ۾ 8 کان 10 ڪلاڪ، جڏهن ته ٻهراڙي وارن علائقن ۾ ته لوڊ شيڊنگ جو ٽائيم ئي ڪونهي، ڪٿي ڪٿي ته صرف 4 ڪلاڪ بجلي هلندي آهي، ته پوءِ هر ٻئي ڏينهن جيڪي بجلي ٺاهڻ جا منصوبا جوڙيا وڃن ٿا يا جن نون منصوبن مان بجلي پيدا ٿئي ٿي، اها وڃي ڪيڏانهن ٿي.؟؟ ايتري تائين جو ايمرجنسي ۾ به لوڊ شيڊنگ جاري رهي ٿي.

موسمي تبديلين ڪري مختلف وقتن تي تيز برساتن جي اڳڪٿي ڪئي ويندي آهي، پر اسان قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪڏهن به اڳواٽ منصوبابندي نه ڪندا آهيون ۽ هميشه آفت اچڻ کانپوءِ چرپر ۾ ايندا آهيون، موسميات کاتي ٻڌايو ته برسات جو هڪ وڏو سلسلو سنڌ ۾ داخل  ٿي رهيو آهي، جيڪو انڊيا کان اچي رهيو آهي، سوشل ميڊيا تي ڪيتريون وڊيو ڪلپس سامهون آيون، جنهن ۾ بمبئي ۾ برسات جون تباهه ڪاريون ڏيکاريون ويون، پر مجال آهي جو اسان تيز برسات کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪا منصوبا بندي جوڙيون، هڪ ڏينهن جي برسات ڪراچي سان ڪهڙو حشر ڪيو توهان سڀني جي سامهون آهي. شهر ٻڏڻ جو هڪ سبب ڪراچي اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني به هئي، ڇاڪاڻ ته بجلي جي وڏي بريڪ ڊائون سبب وقت سر پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو ۽ ڪراچي جا ڪيترائي علائقي پاڻي هيٺ اچي ويا، اهو الميو صرف ڪراچي سان ناهي، بلڪه حيدرآباد سميت اڪثر وڏن شهرن ۾ بجلي بند هئڻ ڪري پاڻي نيڪال نه ٿي سگهندو آهي، جنهن ڪري شهرين جو جاني توڙي مالي نقصان ٿيندو آهي.

گذريل ڏينهن سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل جي صدارت ۾  حيسڪو ۽ سيپڪو سان بجلي جي صورتحال تي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ توانائي وارو وفاقي وزير عمر ايوب ۽ ٻين اختيارين به شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ گورنر  حيسڪو ۽ سيپڪو جي ڪارڪردگي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. هن چيو ته حيسڪو ۽ سيپڪو کي پنهنجي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ ۽ بجلي جي فراهمي بابت شڪايت جو فوري طور تي ازالو ڪرڻ جي ضرورت آهي. ان موقعي تي وفاقي وزير عمر ايوب چيو ته وفاقي حڪومت بجلي جي فراهمي لاءِ  هر ممڪن قدم کڻندي.  سنڌ جي گورنر جو هڪ سٺو قدم آهي، جيڪڏهن هو غير ضروري بجلي جي لوڊ شيڊنگ تي ڪنٽرول ڪرائي سگهي ٿو، باقي اڪثر آفتن دوران ڏٺو اهو ويو آهي ته سرڪاري توڙي غير سرڪاري ادارن ۾ رابطي جو فقدان آهي، نه صرف رابطي جو فقدان پر اسان وقت سر پنهنجو ڪم به نه ٿا ڪريون، حيدرآباد جي ايم ڊي واسا جو چوڻ آهي ته حيسڪو جو نظام بهتر نه هجڻ ڪري کين مشڪلاتون پيدا ٿين ٿيون، جڏهن ته واسا کي برسات کان اڳ ۾ نالا صاف ڪرائڻ گهربا هئا، جيڪي هاڻي شروع ڪيا ويا آهن. ادارن کي گهرجي ته گهٽ ۾ گهٽ پنهنجي حصي جو ڪم مڪمل ڪن، باقي ادارا هڪٻئي سان جڙيل ضرور آهن، تنهن ڪري آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ رابطي ۾ به رهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.