آءِ سي سي نئين ٽيسٽ رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي

دبئي (ويب ڊيسڪ) مانچسٽر ٽيسٽ کان پوءِ آءِ سي سي نئين ٽيسٽ رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي آهي.

آءِ سي سي ٽيسٽ رينڪنگ موجب پاڪستان جو بابراعظم ڇهين پوزيشن تي برقرار آهي جڏهن ته سينچري ميڪر شان مسعودي جي رينڪنگ ۾ بهتري ٿي آهي ۽ هو 19 هين نمبر تي اچي ويو آهي. آسٽريليا جو اسٽيو سمٿ جيئن جو تيئن پهرين نمبر تي آهي جڏهن ته ڀارتي ڪپتان ويرات ڪوهلي جي ٻين پوزيشن آهي، مارنوس لانوشين به پنهنجو ٽيون نمبر برقرار رکڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي.

بالرن جي درجه بندي ۾ ڪو به پاڪستان ٽاپ ٽين ۾ جاءِ ناهي ٺاهي سگھيو، محمد عباس 11 هين پوزيشن حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو آهي جڏهن نئين درجه بندي تحت پيٽ ڪمنز ان فهرست ۾ ٽاپ تي آهي، نيل ويگنر جو ٻيون جڏهن ته اسٽيورٽ براڊ جو ٽيون نمبر برقرار آهي، ليگ اسپنر ياسر شاهه رينڪنگ ۾ 22 هين نمبر تي اچي ويو جڏهن ته فاسٽ بالر شاهين آفريدي جو 33 هون نمبر آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.