کپرو: ملاح اتحاد ۽ فشر فوڪ فورم جي سڏ تي کنڀي ڪم ڪيلن جي بازيابي لاءِ احتجاج

کپري  ۾ مختلف ملاح اتحاد پاران عمرڪوٽ پوليس طرفان کنڀي ڪيل ملاح برادري جي ماڻهن جي آزادي لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

کنڀي گم ڪيل ملاح برادري جي ماڻهن جي بازيابي لاءِ ملاح اتحاد  ۽ فشر فوڪ  جي سڏ تي فشر فوڪ فورم سانگھڙ جي صدر رسول بخش ملاح، رجب ۽  نواز ملاح جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو جنهن ۾ مردن، عورتن، ۽ ٻارن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي مظاهري کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته عمر ڪوٽ پوليس هوٽل تي ويٺل غفور ، خادم  ۽  فاروق ملاح کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي.

هنن الزام هڻندي چيو ته  ته ايس ايڇ او خليل ڪنڀر اڳ ئي ڌمڪيون ڏنيون هيون،  اسان کي خدشو آهي ته پوليس کنڀي گم ڪيلن کي ڪوڙي مقابلي ۾ ماري  ڇڏيندي.

هنن ايم اين اي شازيا مري ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ايس ايڇ او خلاف ڪارروائي ڪري گم ڪيلن کي بازياب ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

رپورٽ- عبدالرزاق راجپوت

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.