ڏهرڪي: ڏهرڪي ڳوٺاڻن جو سيپڪو انتظاميا خلاف احتجاج

ڏهرڪي  ۾ ڳوٺاڻن پاران سيپڪو انتظاميا خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ڳوٺ ڪوٽلو مرزا جي رهواسين احتجاج ڪندي چيو ته سيپڪو لائن سپريڊنٽ مهيني کان بجلي جا ٽرانسفارمر مان جمپر لاهي کڻي ويو آهي باقائدگي سان بجلي جا بل ڀرڻ باوجود سيپڪو انتظاميا پريشان ڪري رهي آهي.

ڳوٺاڻن چيو ته سيپڪو آفيس جا چڪر ڪاٽي ٿڪجي پيا آهيون  تنهن باوجود به بجلي بحال نه پئي ڪئي وڃي.

احتجاج ڪندڙن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته   بنا دير بجلي بحال ڪري پريشانيو گھٽايون وڃن.

رپورٽ- رمضان پيرزادو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.