ميئر کي بااختيار بڻائڻ جي معاملي تي  جلد ئي فيصلو ٿي ويندو: وسيم اختر

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ميئر ڪراچي وسيم اختر چيو آهي ته ميئر کي بااختيار بڻائڻ جي معاملي تي جلدي ئي  فيصلو ٿي ويندو.

ميئر ڪراچي وسيم اختر چيو ته ڪي اليڪٽرڪ بابت اڄ ڀرپور ميٽنگ ٿي آهي، وفاقي جي ذميواري آيه ته ڪي اليڪٽرڪ جا خدشا ختم ڪري، جيڪڏهن ادارو ٺيڪ نٿو ٿئي  ته ڪنهن ٻي جي حوالي ڪيو وڃي.

وڻڪاري مهم بابت وسيم اختر چيو ته جيترا وڌيڪ وڻ لڳندا شهر اوترو خوبصورت ٿيندو.

هن چيو ته 2018ع ۾ نالا ڪليئر ڪري ڇڏيا هئا ان کان پوءِ ڪي ايم سي کي فنڊ ناهي مليو. اختيارن بابت سندس چوڻ هو ته ميئر کي بااختيار بڻائڻ جي معاملي تي جلد ئي فيصلو ٿي ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.