گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جو نئون چونڊيل صدر سڀاڻي پاڪستان پهچندو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جو نئون چونڊيل صدر وولڪن بوزڪر سڀاڻي پاڪستان پهچي رهيو آهي، دوري ۾ هو وزيراعظم عمران ۽ شاهه محمود قريشي سان ملاقات ڪندو.

گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي نئين چونڊيل صدر وولڪن بوزڪر سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته يو اين جي اي جو صدر چونڊجڻ ڪري مختلف ملڪن جو دور ڪندو رهندو آهيان، ان سلسلي ۾ سڀاني يو اين جي جنرل اسيمبلي جي نئين صدر طور پاڪستان جو دورو  ڪندس.

وولڪن بوزڪر چيو ته پاڪستان ۾ دوري ۾ وزيراعظم عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي سان ملاقات ٿيندي، جنهن ۾ 75 هين جنرل اسيمبلي ايجنڊا جي مسئلن ۽ ترجيحن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.