دادلغاري: پتافي برادري پاران نوجوان جي آزادي لاءِ احتجاج

دادلغاري ۾ پتافي برادري پاران نوجوان جي آزادي لاءِ احتجاج ڪيو ويو.

حاڪم پتافي، خادم پتافي ۽ سندس گھر واري ڪريمت چيو ته سندن پٽ فرمان کي پوليس بلاجواز گرفتار ڪري گم ڪري ڇڏيو آهي.

هنن چيو ته يارو لنڊ جو ايس ايڇ او وڏيرن جو ونگارو بڻجي گهرن اندر ڪاهي پئي ٿو.

پتافي برادري مطالبو ڪيو ته نوجوان کي آزاد ڪرائي ساڻن انصاف ڪيو وڃي.

رپورٽ – امجد لغاري

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.