ڪراچي: استادن ۽ نانٽيچنگ عملي جو پگھارن ۽ پڪو نه ڪرڻ خلاف احتجاج

سنڌ ايجوڪيشن گرينڊ الائنس جي اڳواڻ چيو آهي ته سنڌ سرڪاري استادن جا مسئلا حل نه پئي ڪري 2012 ۾ ڀرتي ڪيل استادن کي 8 سال گذرڻ باوجود کين پگھارون ناهن ڏنيو ويون.

ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مرڪزي صدر مقصود مهيسر ۽ ٻين چيو ته سنڌ يونيورسٽي، اين ٽي ايس ۽  اقرا يونيورسٽي جي ٽيسٽ پاس اميدوارن کي جوائننگ واري تاريخ کان پڪو ڪيو وڃي جڏهن ته جي ايس ٽي استادن کي ٽائيم اسڪيل گريڊ 17 ڏنو وڃي.

هنن چيو ته سنڌ سرڪاري چارٽرڊ آف ڊمانڊ تي عمل نه ڪيو ته سنڌ جو تعليمي عملو سراپا احتجاج هوندو.

رپورٽ-صادق سومرو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.