هندستان ۾ مسافر جهاز حادثي جو شڪار، 2 ڄڻا فوت ڪيترائي زخمي

ڪيرالا (ويب ڊيسڪ) انڊيا ۾ هوائي ڪمپني ايئر انڊيا جو مسافر جهاز ملڪ جي ڏکڻ رياست ڪيرالا جي شهر ڪالي ڪٽ جي هوائي اڏي تي لينڊنگ دوران حادثي جو شڪار ٿي ويو.

اهو حادثو مقامي وقت موجب شام ستين وڳي پيش آيو آهي ۽ شروعاتي طور تي ان حادثي ۾ ٻه ڄڻن جي فوت ٿيڻ تصديق ڪئي وئي آهي جڏهن ته ڪيترائي مسافر زخمي ٿي پيا آهن.

حادثي جو شڪار ٿيل اڏام آءِ ايڪس 1344 دبئي کان ڪالي ڪٽ جي ڪوئيڪوڊ هوائي اڏي تي پهتي هئي ۽ ايئر انڊيا جي ترجمان موجب خراب موسم ۾ لهندي جهاز رن وي تان ترڪي هيٺ ڪريو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.