گهوٽڪي: ڪڻڪ جي اسملنگ  ۾ ملوث  8 عملدارن مٿان ڪيس داخل، 5 گرفتار

اينٽي ڪرپشن سکر ڪمشنر شفيق احمد مهيسر جي هدايت تي گذريل  ڏينهن گهوٽڪي بارڊر ذريعي ڪڻڪ جي اسملنگ  ۾ ملوث 8 عملدارن  خلاف ڪيس داخل ڪري ڊي ايف سي سميت 5 عملدار گرفتار کي گرفتار ڪري ورتو.

اينٽي ڪرپشن سکر شڪ جي بنياد تي خوراڪ، روينيو ۽ پوليس کاتي جي 8 ملازمن خلاف جاچ شروع ڪئي هئي.

ڪڻڪ جي اسملنگ ۾ ملوث هجڻ تي اينٽي ڪرپشن مختيارڪار ڳوٺ آباد رشيد احمد ڪلھوڙو، ڊي ايف سي گھوٽڪي روشن علي پنھور، هيڊ ڪانسٽيبل رشيد احمد، هيڊ ڪانسٽيبل عبدالرشيد ۽ هيڊ ڪانسٽيبل مشتاق علي کي گرفتار ڪري ورتو آهي جڏهن ته ايف آئي آر ۾ نامزد فوڊ انسپيڪٽر حفيظ جويو، فوڊ انسپيڪٽر سردار ميراڻي ۽ فوڊ سپروائيزر فهيم ڏهر کي فرار ڄاڻايو ويو آھي.

ان سلسلي ۾ ڊپٽي ڪمشنر خالد سليم جو چوڻ هو  ته ضلعي انتظاميه پاران ڪڻڪ جي اسگملنگ ۽ ذخيرا اندوزي خلاف ڀرپور ڪارروائين جو سلسلو جاري آهي جنهن دوران 9 لک کان وڌيڪ ڪڻڪ جون ٻوريون ضبط ڪري خوراڪ کاتي حوالي ڪيون ويون آهن.

رپورٽ-نصرالله گڏاڻي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.