برساتن دوران  لاڳاپيل ادارا  فعال ڪردار ادا ڪن: سردار شاهه

سنڌ جي سياحت ۽ ثقافت واري وزير سيد سردار شاهه چيو آهي ته نگرپارڪر ۾ پاڻي ذخيرو ڪندڙ ڊيمن جي بهتري ۽ مرمت لاءِ ڪوشش ڪئي ويندي.

اهڙن خيالن جو اظهار سردار شاهه مٺي ۾ انتظاميا ۽ لاڳاپيل کاتن جي عملدارن سان گڏجاڻي دوران ڪيو  جنهن ۾ کيس سانوڻي جي تيز برساتن جي حوالي سان ڪيل انتظامن بابت تفصيلي بريفنگ به ڏني وئي.

ان دوران سردار شاهه صحت، بلديات،  موسميات ٻين لاڳاپيل کاتن کاتن جي اختيارين کي هدايت ڪندي چيو ته ڪو به  آفيسر بغير اجازت جي ضلعي هيڊ ڪوارٽر نه  ڇڏيندو ۽ تيز برساتن دوران ماڻهن کي تڪليف کان بچائڻ لاءِ هر لاڳاپيل کاتو پنهجو فعال ڪردار ادا ڪري.

ان موقعي تي صوبائي وزير صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي خاص هدايتن تي ٿر آيو آهيان  سنڌ حڪومت ٿرپارڪر ضلعي جي عوام کي تيز برساتن سبب پيش ايندڙ تڪليفن ۽ مشڪلاتن کان بچائڻ لاءِ سرگرم آهي.

سندس چوڻ هو ته ننگر پارڪر ۾  پاڻي ذخيرو ڪندڙ ڊيمن جي بهتري ۽ مرمت لاءِ ڪوشش ڪئي ويندي.

رپورٽ-غازي بجير

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.