ڏهرڪي: ن ليگ ليڊيز ونگ پاران شهر ۾ گندگي خلاف احتجاج جو اعلان

ڏهرڪي ۾ ن ليگ جي ليڊيز ونگ پاران شهر ۾گندگي خلاف  احتجاج جو اعلان ڪيو ويو.

ڏهرڪي جي ن ليگ جي ليڊيز ونگ جي صدر هير علوي ،ڪائنات بلوچ،ڪرن اعواڻ ،نجمه سومرو ۽ ٻين پريس ڪلب ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته انتظاميا جي لاپرواهي سبب شهر گندگي جي ور چڙهي ويو آهي روڊن نالن جو پاڻي  گھٽين ۾ بيهجي وڃڻ سبب شهري سخت پريشاني کي منهن ڏيڻ تي مجبور آهن جڏهن ته چونڊيل نمائيندن به شهرين کي ننڌڻڪو ڪري ڇڏي ڏنو آهي.

هنن چيو ته 10 آگسٽ تي  شهر ۾ گندگي خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي ويندي.

رپورٽ- اسد لغاري

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.