پاڪستان انگلينڊ کي 219 رنسن تي آئوٽ ڪري ڇڏيو

مانچسٽر (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پنهنجي بالرن جي شاندار ڪارڪردگي سبب ميزبان ٽيم انگلينڊ کي پهرين اننگز ۾ 219 رنسن تي آئوٽ ڪري 107 رنسن جي سرسي حاصل ڪري  ورتي.

مانچسٽر ٽيسٽ ۾ پاڪستاني بالرن شاندار پرفارمنس ڏني، راند جي ٻين ڏينهن انگلينڊ جي شروعاتي چاروڪيٽون 62 رنسن تي ڪريون ۽ اڄ تين ڏينهن اولي پوپ 46 ۽ جوز بتلر 15 رنسن سان ميدان ۾ لٿو.

اڄ پهرين ضرب فاسٽ بالر نسيم شاهه لڳائي ۽ پوپ جي وڪيٽ 62 رنسن تي ڪري پئي، پوءِ ياسر شاهه جو  جوز بٽلر کي 38، ڊوم بيس کي هڪ ۽ ڪرس ووڪس کي 19 رنسن تي هلندو ڪيو.

آخري ٻه وڪيٽون شاداب خان ڪيرايون، جوفرا آرچر 16 ۽ جيمز آينڊرسن 7 رنسون ٺاهي هن جو شڪار بڻيو ۽ انگلينڊ جي ٽيم 219 رنسون اسڪور ڪري آئوٽ ٿي وئي.

ياسر شاهه 66 رنسن عيوض 4 وڪيٽيون ڪيرايون جڏهن ته محمد عباس ۽ شاداب خان ٻه ٻه وڪيٽون حاصل ڪيون. نسيم شاهه ۽ شاهين آفريدي جي حصي ۾ هڪ هڪ وڪيٽ آئي.

پاڪستان پهرين اننگز ۾ 326 رنسون اسڪور ڪيون هيون ۽ ائين پاڪستان پنهنجي ٻين اننگز 107 رنسن جي سرسي سان شروع ڪئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.