سون جي قيمت ۾ واڌ جو سلسلو جاري، في تولو  هڪ لک 32 رپين جو ٿي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سون جي اگھه ۾ واڌ جو سلسلو جاري آهي.

جيولرز ايسوسيئيشن سنڌ موجب سون جو في تولو اگھه 2500 رپيا وڌڻ کان پوءِ هڪ لک 32 هزار رپين جو ٿي ويو ۽ اها نئين قيمت ملڪ ۾ بلند ترين سطح آهي.

10 گرام سون جي قيمت 2144 رپيا وڌي ڪري 113169 رپيا ٿي وئي جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو قدر 4 ڊالر واڌ سان 2054 ڊالر في اونس آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.