ڪشمير تي حڪومت وٽ تقرير، لکت ۽ ٽيليفون کان سواءِ ڪجهه ناهي: شهباز شريف

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ ۽ مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف جو چوڻ آهي ته اڄ ڪشمير تي خاموشي آهي، اڄ ڪشمير ايشو تي مايوسي پکڙجي رهي آهي ۽ ان معاملي تي حڪومت تقرير، لکت ۽ ٽيليفون کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ناهي.

قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر جي صدارت هيٺ پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ قومي اسيمبلي جي مهمانن جي گيلريز کي به هال جو درجو ڏنو ويو.

پارليامينٽ ميمبرن گيلريز ۾ ويهي ڪارروائي ۾ حصو ورتو، فيصلو ڪورونا وائرس کي ڏسندي ڪيو ويو هو.

گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندي شهباز شريف چيو ته پرڏيهي وزير ڊگهو ٺهراءُ پيش ڪيو ۽ مودي هٽلر ثاني جي مظلمن جي لفافي جي حد تائين مذمت ڪئي.

هن چيو ته والاريل ڪشمير ۾ جن هزارين ماڻهن شهادت نصيب ڪئي انهن جي رت سان وادي ڳاڙهي ٿي چڪي آهي، عورتن جي جون لڄون پيون لٽيون وڃن، بزرگن ۽ ٻارن کي شهيد ڪيو پيو وڃي.

سندس چوڻ هو ته 70 سالن کان لاڪ ڊائون هو پر هڪ سال کان ڪشميري بدترين لاڪ ڊائون جو شڪار آهن، پر ڪشمير تي حڪومت وٽ تقرير، لکت ۽ ٽيليفون کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ناهي.

عمران خان هڪڙي پاسي ارطغرل ڏسڻ جو ٿو چوي ٻئي پاسي مودي جي ڪال جو انتظار ٿو ڪري.

شاهه محمود قريشي:

پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي گڏيل اجلاس کي خطاب ۾ چيو ته فناشنل ايڪشن ٽاسڪ فورس (ايف اي ٽي ايف) جي آخري اجلاس ۾ عالمي برادري پاڪستان جي ڪاوشن کي ساراهيو پر هن کي پاڪستان کان وڌيڪ ترميمون گهربل هيون، ترميم جي لاءِ پيپلز پارٽي ۽ ن ليگ جي ڪردار جو اعتراف ڪيان ٿو، توهان اِهو حڪومت لاءِ نه پر پاڪستان لاءِ ڪيو.

هن چيو ته ٻن وڏين پارٽين ذميواري جو مظاهرو ڪيو ان تي سندن ٿورائتو آهيان، ڪاش ٻيون مخالف ڌر پارٽيون به اهڙو ئي رويو ڏيکارن ها جيڪو ٻن وڏين پارٽين ڏيکاريو.

سندس چوڻ هو ته ايف اي ٽي ايف جي شرطن تي عمل ڪرڻ پاڪستان جي مجبوري آهي، پاڪستان جو گري لسٽ ۾ هئڻ ورثي ۾ مليو جڏهن ته ڀارت پاڪستان کي بليڪ لسٽ ڏانهن ڌڪڻ چاهي ٿو.

ميوچوئل ليگل اسسٽنس بل بابت هن چيو ته بل کي اسٽريم رول ناهي ورتو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.