سون جا نوان ريڪارڊ قائم، في تولو 1 لک 29 هزار 500 رپيا

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)  ملڪ ۾ سون جي قيمت تاريخ جي نين بلدين تي پهچي وئي ۽ في تولو سون 1 لک 29 هزار 500 رپين جو ٿي ويو.

سنڌ سونارا ايسوسيئيشن موجب اڄ سون جي في تولي قيمت ۾ 800 رپين جي واڌ ٿي جنهن کان پوءِ في تولي سون جي قيمت 1 لک 29 هزار 500 رپين تي پهچي وئي آهي.

ايسوسيئيشن موجب 10 گرام سون 685 رپيا مهانگو ٿي 1 لک 11 هزار 25 رپيا ٿي ويو.

ٻئي پاسي عالمي سونارا مارڪيٽ ۾ سون جي قيمت ۾ اڄ به 9 ڊالرن جي واڌ ٿي جنهن کان پوءِ في اونس سون جي قيمت 2 هزار 50 ڊالر جي بلند ترين سطح تي پهچي وئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.