پشاور بي آر ٽي منصوبي ۾ غطليون ٿيون: شبلي فراز اعتراف ڪري ورتو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سڌُ سماءَ واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز جو چوڻ آهي ته پشاور جي بس ريپڊ ٽرانزٽ (بي آر ٽي) منصوبي ۾ غلطيون ٿيون ۽ ڪم خراب ٿي ويو.

خانگي ٽي وي کي انٽروويو ڏيندي وفاقي وزير قبول ڪيو ته بي آر ٽي منصوبي ۾ غلطيون ٿيون آهن پر معاملو سياسي بڻايو ويو.

هن چيو ته چوڻ جي ڪامياب منصوبن جي ڳالهه ناهي ٿيندي باقي بي آر ٽي تي سياست ڪئي ويندي آهي.

 سندس چوڻ هو ته قبول ڪيون ٿا ته اسان کان غطليون ٿيون، ان کي بهتر طريقي سان ڪري پئي سگهجو.

شبلي فراز وڌيڪ چيو ته هڪ ڪم غلط ٿي ويو، پر سياسي طور تي ان ايشو کي ايترو کنيو ويو، 10 مان 9 شيون ٺيڪ ٿيون هڪ خراب ٿي وئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.