طالبان، افغان حڪومت طرفان ڳالهين لاءِ جرڳي جي مخالفت ڪري ڇڏي

ڪابل(ويب ڊيسڪ) طالبان افغان حڪومت طرفان لويا جرڳي (ڳالهين لاءِ وڏو اجتماع) گهرائڻ جي مخالفت ڪري ڇڏي.

افغان طالبان جي ترجمان جو چوڻ آهي ته طالبان قيدين جي آزادي واري فيصلي لاءِ گهرايل لويا جرڳي جي ڪا به قانوني حيثيت ناهي.

طالبان لويا جرڳي ۾ شرڪت ڪندڙ افغان ڌرين کي پيغام ڏنو آهي ته امن جي رستي ۾ رنڊڪ وجهڻ کان باز رهڻ گهرجي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.