آمريڪي ڪانگريس ميمبرن جو والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين تي ڳڻتي جو اظهار

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) آمريڪي ڪانگريس ميمبرن ڀارتي حڪومت کي خط لکي والاريل ڪشمير ۾ لاڳو غير قانوني پابندين تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي.

آمريڪي ايوان جي نمائندن جي پرڏيهي معاملن واري ڪميٽي جي چيئرمين ايليٽ اينجل ۽ هوم لينڊ سيڪيورٽي ڪميٽي جي اڳوڻي چيئرمين مائيڪل ميڪ ڪال والاريل وادي ۾ پابندين جي حوالي سان ڀارتي پرڏيهيوزير جي شنڪر کي خط لکيو آهي.

ري پبلڪن ۽ ڊيمو ڪريٽس جي اهم ميمبرن چيو آهي ته 5 آگسٽ 2019ع تي آرٽيڪل 370 جي رد ٿيڻ کان پوءِ هاڻ هن وقت تائين وادي ۾ حالتون معمول تي ناهن آيون.

خط ۾ والاريل ڪشمير ۾ انساني آزادين ۽ جمهوري قدمن تي عملي يقيني بڻائڻ تي زور ڏنو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.