ڀارت سان بيڪ چينل ڊپلوميسي جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي: پرڏيهي کاتو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پرڏيهي کاتي جي ترجمان عائشه فاروقي پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ڪنهن به بيڪ چينل ڊپلوميسي کي رد ڪندي واضح ڪيو آهي ته ڀارت طرفان والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙين کي نظر ۾ رکندي ڀارت سان بيڪ چينل ڊپلوميسي جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي.

هفتيوار بريفنگ دوران ترجمان چيو ته والاريل ڪشمير ۾ صورتحال مسلسل خراب ٿيندي پئي وڃي ۽ موجوده حالتن ۾ ڀارت سان بيڪ چينل ڊپلوميسي جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي.

ترجمان چيو ته 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارتي غير قانوني ۽ هڪ طرفي قدمن جو هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي گذريل ڪشميرين سان ٻڌي جي اظهار لاءِ آزاد ڪشمير سميت سڄي ملڪ ۾ يوم استحصال ملهايو ويو جڏهن ته وزير اعظم عمران خان آزاد ڪشمير قانون ساز اسيمبلي کي خطاب ڪيو.

سندس چوڻ هو ته ڀارت گذريل هڪ سال کان لکين ڪشميرين کي فوجي ڪڙي ۾ رکيو ۽ سڄي وادي کي وڏي جيل ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي.

ترجمان چيو ته اربع ڏينهن ڀارت جي ڀرپور مخالفت باوجود ڪشمير مسئلو هڪ سال جي اندر ٽيون ڀيرو سلامتي ڪونسل ۾ بحث هيٺ آندو، چين ڪشمير مسئلي تي بيان جاري ڪيو، ڪشمير مسئلي تي هڪ سال جي اندر ٽي ڀيرا سلامتي ڪونسل ۾ بحث پاڪستان جي وڏي ڪاميابي آهي.

عائشه فاروقي پاڪستان جي سياسي نقشو جاري ڪرڻ تي ڀارتي بيان کي رد ڪيو ۽ چيو ته سياسي نقشي کي جاري ڪرڻ تي سمورن پارليامينٽ جي ميمبرن کي اعتماد ۾ ورتو ويو.

هن گذريل ڏينهن دير جي بن شاهي سيڪٽر ۾ پاڪستاني پوسٽن تي دهشتگردن ۽ افغان فورسز طرفان ڳرن هٿيارن سان فائرنگ جي ڀرپور مذمت ڪندي چيو ته پاڪستان سرحد تي ڪنهن به حملي جو جواب ڏيڻ لاءِ پرعزم آهي.

ترجمان چيو ته دهشتگردن کي مدد فراهم ڪرڻ جي به مذمت ڪيون ٿا.

بيروت ڌماڪي بابت سندس چوڻ هو ته لبنان ۾ هڪ ٻيو پاڪستاني خاندان به خراب نموني متاثر ٿيو آهي، پاڪستان ڌماڪي ۾ جاني نقصانن تي تعزيت جو اظهار ڪري ٿو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.