ڏهرڪي: ڳوٺاڻن جو پورهيت تي بااثرن جي تشدد خلاف احتجاج

ڏهرڪي ۾ ڳوٺاڻن پاران پورهيت تي  بااثرن جي تشدد خلاف احتجاج ڪيو ويو.

ڳوٺ غوث بخش شر جي  رهواسين  ممتاز، مير محمد، ٻڍل شر ۽ ٻين صحافين اڳيان دانهيندي چيو ته بااثر نغلام حيدر، ، خميسي، شعبان چاچڙ ۽ ٻين مسڪين پورهيت نوجوان عبدالخالق شر کي ڪراچي جي مال پڙي مان زبردستي پڪڙي مٿس  چوري جو الزام هڻي سندس ويھڪ واري جاءِ تي گرم اوزار سان تشدد ڪيو آهي.

هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري پورهيت سان انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.