سيشن جج لاهور سميت 9 سيشن ججز جون بدليون

لاهور(ويب ڊيسڪ) سيشن جج لاهور سميت 8 سيشن ججز جي بدلين جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.

نوٽيفڪيشن چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ محمد قاسم خان جي منظوري سان جاري ڪيو ويو آهي.

نوٽيفڪيشن موجب ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج لاهور قيصر نذير ڀٽ کي سيشن جج ساهيوال، سيشن جج ننڪانه صاحب محمد اعظ۾ سرور سيشن جج لاهور، سيشن جج هيومن ريسورس ڊسٽرڪٽ جوڊيشري سردار طاهر صابر سيشن جج سرگوڌا ۽ محمد جاويد الحسن چشتي کي سيشن جج هيومن ريسورس ڊسٽرڪٽ جوڊيشري مقرر ڪيو ويو آهي.

پڌرائي موجب سيشن جج منظر علي گل جي سيشن جج ننڪانه صاحب طور، سيشن جج سهيل اڪرام سينيئر ايڊيشنل رجسٽرار لاهور هاءِ ڪورٽ راولپنڊي بينچ طور جڏهن ته سينيئر ايڊيشنل رجسٽرار لاهور هاءِ ڪورٽ راولپنڊي بينچ اورنگزيب جي سيشن جج چڪوال طور مقرري ڪئي وئي آهي.

ان کان سواءِ سيشن جج پاڪ پتن تنوير احمد شيخ کي لاهور هاءِ ڪورٽ رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي جڏهن ته راءِ محمد ايوب خان کي سرگوڌا کان پاڪ پتن ٽرانسفر ڪيو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.