گمبٽ: نانگ جي ڪکڻ سبب نوجوان فوت

گمبٽ ۾ نانگ جي ڪکڻ سبب نوجوان فوت ٿي ويو.

راضي ديري جي ڳوٺ قائم دين ڪلھوڙي ۾ فصل کي پاڻي ڏيڻ دوران نوجوان کي نانگ ڪکي وڌو.

جنهن کان پوءِ وارثن نوجوان کي  گمس اسپتال منتقل ڪيو  جتان کيس انجيڪشن نه سبب ڏھرڪي اسپتال رفر ڪيو ويو.

اسپتال منتقل ڪرڻ دوران نوجوان سورن جي سٽ نه سهندي رستي ۾ ئي فوت ٿي ويو.

فوتي نوجوان جو مڙهه گھر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو جڏهن ته سندس امڙ کي دورا پوڻ لڳا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.