بوزداروڏا: فقير علي ڏني ۽ ته فقير علي نواز خاصخيلي جي ورسي ملهائي وئي

بوزداروڏا  ۾مرحوم  فقير علي ڏني خاصخيلي جي پهرين ۽ ته فقير علي نواز خاصخيلي جي تيرهين ورسي ملائي وئي .

ڳوٺ نواب خان خاصخيلي ۾ صوفياڻي راڳ رنگ جي محفل منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ عقيدت مندن وڏي انگ شرڪت ڪئي ۽ صوفي فنڪارن پنهنجي پنهنجي  فن جو مظاهرو ڪري فقير علي ڏني خاصخيلي، ۽ فقير علي نواز خاصخيلي کي ڀيٽا پيش ڪئي.

ان موقعي تي فقير ميدان علي خاصخيلي ڳالهائيندي چيو ته هو هر سال ورسي وڏي عقيدت سان ملهائيندا جڏهن ته ورسي تقريب ۾ مهمانن لاءِ لنگر جو  بندوبست پڻ ڪيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.