FDA بلڊ ڪينسر جي علاج جي دوا منظور ڪري ورتي

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) آمريڪي فوڊ اينڊ ڊرگ ايڊمنسٽريشن (ايف ڊي اي) بلڊ ڪينسر جي علاج لاءِ تيار ڪيل دوا ” بيلنٽا ميب ميفاڊوٽن“ جي منظوري ڏئي ڇڏي.

خابرو اداري رائٽرز جي رپورٽ موجب آمريڪا ۾ مائيلوما (Myeloma) بلڊ ڪينسر جي  ٻي عام شڪل آهي جنهن جو علاج ته آهي پر ان جا مريض ٺيڪ ٿي هر هر ان ۾ مبتلا ٿي ويندا آهن.

دوا ٺاهيندڙ ڪمپني گيلڪسوا سمٿ ڪلائن (جي ايس ڪي) پنهنجي دوا بيلنٽا ميف ميفاڊوٽن يا جنهن کي بلين ريپ به چيو ويندو جي آزمائش ڪري رهي هئي جنهن جي منظوري هاڻ آمريڪي ايف ڊي اي ڏئي ڇڏي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.