مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز نيب ۾ طلب

لاهور(ويب ڊيسڪ) قومي احتساب بيورو (نيب) مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز کي طلب ڪري ورتو.

نيب لاهور مريم نواز کي پراپرٽي الاٽمنٽ ڪيس ۾ 11 آگسٽ تي طلب ڪيو آهي.

ذريعن موجب مريم نواز تي 2013ع ۾ رائيونڊ ۾ 200 ايڪڙ سرڪاري زمين الاٽ ڪرائڻ جو الزام آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته اِها ايراضي اڳوڻي ڊي جي ايل ڊي اي احد چيما جي دور ۾ ٽرانسفر ڪئي وئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.