ممبئي ۾ مينهن جو 46 سالن جو ريڪارڊ ٽٽي ويو

ممبئي(ويب ڊيسڪ) ممبئي ۾ چوماسي جي مينهن جو 46 سالن جو ريڪارڊ ٽٽي ويو.

ڀارتي ميڊيا موجب ممبئي جي ڏکڻ علائقي ڪولابا ۾ 24 ڪلاڪن دوران 331 ملي ميٽر مينهن ريڪارڊ ڪيو ويو جنهن سان مينهن جو 46 سالن جو ريڪارڊ ٽٽي ويو.

ڀارتي ميڊيا جو ٻڌائڻ آهي ته ان کان اڳ آگسٽ جي مهيني ۾ 1974 ۾ ايترو مينهن ريڪارڊ ڪيو ويو هو.

ميڊيا جي رپورٽن موجب ممبئي جي مختلف علائقن ۾ طوفاني مينهن سان گڏ مٽي جو طوفان به هليو جنهن سان 107 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هوائون هليون، مينهن جي ڪري ٽرين، بس سروس، آفيسون ۽ ٻيون ضروري سروسز بند رکڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.

ڀارتي موسميات کاتي ايندڙ ڪجهه ڪلاڪن ۾ شهر ۾ وڌيڪ مينهن جي اڳڪٿي ڪئي آهي ۽ شهرين سان غير ضروري طور تي گهرن کان ٻاهر نه نڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي.

ڀارتي موسميات کاتي جو ٻڌائڻ آهي ته ممبئي ۾ 5 ڏينهن دوران چوماسي جو 64 سيڪڙو مينهن ٿي سگهي ٿو جڏهن ته ايندڙ ڪجهه ڪلاڪن ۾ وڌيڪ مينهن ۽ طوفاني هوائون هلڻ جا امڪان آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.