پي سي بي جو بيروزگار عورت ڪرڪيٽرز جي امداد جو اعلان

لاهور(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) پنهنجي ڊيوٽي آف ڪيئر پاليسي جي تحت عورت ڪرڪيٽرز لاءِ 3 مهينن جي امدادي پيڪي جو اعلان ڪيو آهي جنهن سان 25 عورت ڪرڪيٽرز فائدو وٺي سگهنديون جن کي آگسٽ کان آڪٽوبر تائين ماهوار 25 هزار رپيا وظيفو ملندو.

عورت ڪرڪيٽرن جي مالي امداد جي اِها تجويز عروج ممتاز جي سربراهي ۾ ڪم ڪندڙ ويمنز ونگ پيش ڪئي هئي جنهن کي پي سي بي جي چيئرمين احسان ماني منظور ڪري ورتو.

انهن 25 عورت ڪرڪيٽرز جي اعلان ڪيل اسڪيم لاءِ چونڊ هنن طرفان اهليت جي مقرر معيار تي پورو لهڻ کان پوءِ ڪئي وئي آهي، 3 مهينن تي ٻڌل ان اسڪيم جي لاءِ اهليت جو مقرر معيار ڊوميسٽڪ سيزن 20-2019ع جو حصو هئڻ، سيزن 2020-21 لاءِ ڪنٽريڪٽ نه ملڻ ۽ في الحال آمدني جو ڪو ذريعو (نوڪري، ڪنٽريڪٽ يا واپار) نه هئڻ آهي.

ان کان اڳ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جون ۾ عورت ڪرڪيٽرن جي لاءِ ڪنٽريڪٽ جو اعلان به ڪري چڪو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.