خيرپور: ماءُ جي ٿڃ پيارڻ جو عالمي هفتو ملهائڻ بابت تقريب منعقد ڪئي وئي

خيرپور ۾ ماءُ جي ٿڃ پيارڻ جو عالمي هفتو ملهائڻ بابت تقريب منعقد ڪئي وئي.

تقريب ۾ ڊپٽي ڪمشنر احمد علي قريشي، ڊي ايڇ او ڊاڪٽر محمد حسين ابڙو ۽ بين چيو ته  ماءُ جي ٿڃ ٻار لاءِ انتهائي اهميت رکي ٿي، جنهن جا فائدا انسان جي جسم ۾ پوري زندگي تائين اثر ڇڏين ٿا.

هنن چيو ته اڄ معاشري ۾ ماءُ پاران پنهنجي ٻار کي ڌاريو کير پيارڻ جو فيشن طور استعمال ڪيو پيو وڃي، جنهن سان ما۽ ۽ ٻار ۾ بيماريون پيدا ٿين ٿيون.

اڳواڻن چيو ته ماءُ جي ٿڄ پيارڻ لاءِ معاشري جي هر طبقي کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، جنهن جو فائدو ايندڙ نسلن کي ملندو…..

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.