ميھڙ: ناريءَ پاران ڀاءُ جي قاتلن جي گرفتاري جي اپيل

ميھڙ جي ناريءَ ڀاءُ جي قاتلن جي گرفتاري جي اپيل ڪئي آهي.

افشان سولنگي چيو ته 2 مھينه اڳ ظالم جوابدارن علي احمد سولنگي، شبير، واحد بخش ۽ ٻين ڀاءُ پسند علي کي بيدردي سان تشدد ڪري قتل ڪيو هو.

هن چيو ته پوليس جوابدارن کان پيسا وٺي خاموش تماشائي بڻيل آهي.

ناري اپيل ڪئي ته روپوش جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ۽ تحفظ فراھم ڪيو وڃي…

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.