خيرپور: واپارين پاران راجيش ڪمار جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاج

خيرپور ۾ واپارين پاران راجيش ڪمار جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاج ڪيو ويو.

بشير آرائين، ياسين ميمڻ، دريانو مل، وقار احمد ڦلپوٽو ۽ ٻين چيو ته پوليس واپاري راجيش جي قاتلن کي گرفتار ڪرڻ ۽ واپارين کي تحفط فراهم ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي.

هنن چيو ته واپارين کي ڊيڄارڻ ڌمڪائڻ ۽ ڀتو ڪلچر ٻيهر شروع ٿيڻ سازش آهي.

اڳواڻن مطالبو ڪيو ته آءِ جي سنڌ معاملي جو نوٽيس وٺندي قاتلن کي گرفتار ڪرڻ سان گڏ واپارين کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي…

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.