هڪ ٻئي مشهور ڀارتي اداڪار آپگهات ڪري ڇڏيو

نئين دهلي(ويب ڊيسڪ) ڪيونڪ ساس بهي ڪبهي بهو ٿهي ۽ ڪهاني گهر گهر ڪي جهڙن مشهور ڀارتي ڊراما سيريز ۾ ڪم ڪندڙ ڀارتي ٽي وي اسٽار سمير شرما آپگهات ڪري ڇڏيو.

ڀارتي ميڊيا رپورٽ موجب 44 سالن جو سمير شرما ممبئي جي ملاد اپارٽمنٽ جي رنڌڻي ۾ مئل حالت ۾ مليو جنهن جو اطلاع اپارٽمنٽ جي چوڪيدار ڏنو.

رپورٽ موجب چوڪيدار رنڌڻي جي ڪڙکي مان سمير شرما کي لٽڪندي ڏٺو جنهن جو اطلاع اپارٽمنٽ جي ماڻهن ۽ پوليس کي ڏنو ويو.

پوليس موجب سمير شرما جو لاش ڪچن جي پکي ۾ لٽڪيل هو جنهن کي ڏسي لڳي ٿو ته هن ڦاهو وجهي آپگهات ڪيو آهي.

ميلاد پوليس اسٽيشن جي سينيئر انسپڪٽر جو چوڻ آهي ته سمير شرما جي گهر مان آپگهات ڪرڻ جي حوالي سان ڪو به نوٽ ناهي لميو پر لاش کي ڏسي اِهو شڪ آهي ته آپگهات شايد ٻه ڏينهن اڳ ڪيو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.