ڪراچي ۾ سخت گرمي ۽ حبس کان پوءِ مينهن، موسم خوشگوار

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ سخت گرمي ۽ حبس کان پوءِ شهر جي مختلف علائقن ۾ چوماسي جي چوٿين اسپيل مينهن وسائڻ شروع ڪيو.

شهرجي ڪيترن علائقن ۾ عيد کان اڳ ٿيل مينهن جو پاڻي ۽ گند اڃان صاف ئي نه ٿي سگهيو هو ته نئين اسپيل انهن علائقن جي حراب ويتر خراب ڪري ڇڏي.

ڪشميري پاڙي ۾ گڏ ٿيل سيوريج جو پاڻي ۽ ڪچرو هن وقت تائين ٺڪاڻي ناهي لڳايو ويو، گند ۽ ڪچري جي ڪري ڪورنگي ندي جي وهڪري ۾ به رنڊڪون پيدا ٿيڻ جو خدشو آهي جڏهن ته ماڊل ڪالوني ۾ جانورن جي اوجهه مان اٿيل پڌ ۽ مينهن سبب رهواسي جي پريشانين ۾ واڌ ٿي وئي آهي.

سنڌ ۽ بلوچستان جي مختلف شهرن ۾ کنوڻ ۽ گوڙ سان گڏ مينهن جو سلسلو سڄي هفتي تائين وقفي وقفي سان جاري رهڻ جا امڪان آهن جڏهن ته ڪراچي، حيدرآباد ۽ ٻين شهرن ۾ اربن فلڊنگ جو خدشو آهي.

سنڌ جي ساحلي پٽي ۾ رين ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي ۽ مهاڻن کي 8 آگسٽ تائين گهري سمنڊ ۾ نه وڃڻ ۽ شهرين کي غير ضروري سفر کان پاسو ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

نالن جي صفائي جو ڪم:

ڪراچي ۾ نيشنل ڊيزاسٽر مينجمنٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) طرفان مينهن جي نالن جي صفائي جو ڪم ٽئين ڏينهن به جاري آهي.

ترجمان اين ڊي ايم اي جو چوڻ آهي ته گجر نالي، ڪورنگي نالي ۽ مواڇ ڳوٺ نالي تي 42 ماڳن تي چوڪ پوائنٽس مان 35 ڪليئر ڪيا ويا، گجر نالو 80 سيڪڙو، ڪورنگي نالو 85 سيڪڙو ۽ مواڇ ڳوٺ جو نالو 75 سيڪڙو تائين صاف ڪيو ويو آهي.

موسميات کاتي جي ڊائريڪٽر جو چوڻ آهي ته هوا جو هڪ گهٽ دٻاءُ نار بنگال ۽ ٻيون دٻاءُ رن آف ڪجهه تي موجود آهي، سسٽم جي اڳتي وڌڻ تي جيڪڏهن هنن کي سمنڊ مان نمي ملي ته هي وڌيڪ مضبوط ٿي سگهن ٿا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.