مانجهند ڊگري ڪاليج منظور ڪرائڻ تي اڳواڻن کي آجياڻو

مانجهند ( ن ع آ ) مانجهند ڊگري ڪاليج جي اڱڻ تي ادبي تنظيم لطيف آشرم طرفان شاهه لطيف علمي ادبي فورم جي اڳواڻن شفيع ملاح، امير بخش لاکو ۽ ٻين کي ڊگري ڪاليج مانجهند منظور ڪرائڻ جي مڃتا طور آجياڻو ڏنو ويو، جنهن جي صدارت رسول بخش ميمڻ ڊي ڊي او تعليم  ڄامشورو ڪئي، مهمان خاص ۾  شفيع ملاح، خدا بخش ٿيٻو، امير بخش لاکو، قائم چنا ،گوتم چنا، درياءَ خان برهماڻي بابل کوسو ۽ شامل هئا،  ان موقعي تي ڊي ڊي او تعليم ڄامشورو رسول بخش ميمڻ خطاب ڪندي چيو ت فورم اڳواڻن مانجهند کي ڊگري ڪاليج جي روپ ۾ بهترين ادارو فراهم ڪيو آھ لطيف آشرم اڳواڻ قائم چنا چيو ته شفيع ملاح ۽ ساٿين تمام وڏو ڪارنامو سرانجام ڏنو، جنهن تي کين خراج پيش ڪيون ٿا ان موقعي تي فورم اڳواڻ شفيع ملاح چيو ت تعليم بنيادي حق آھ جنهن ۾ مانجهند کي  ڊگري ڪاليج جي سخت ضرورت هئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.