لاڙڪاڻي ۾ ٻن ٻارڙن جي ماءُ جو اڳوڻي مڙس خلاف احتجاج

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ۾ اڳوڻي مڙس جي ستايل ٻن ٻارڙن جي امڙ ۽ نصيرآباد شهر جي سيد پاڙي جي رهواسڻ اڳوڻي مڙس جي مبينا زيادتين خلاف پريس ڪلب اڳيان پنهنجي ٻن معصوم ڌيئرن سان گڏجي احتجاج ڪيو. ان موقعي تي مسمات جميلان نوناري صحافين آڏو دانهيندي چيو ته 6 سال اڳ 11 جنوري 2014ع تي 3 لکن عيوض منهنجي شادي ميهڙ تعلقي جي ڳوٺ جهنڊو خان جي رهواسي ۽ هڪ سياسي پارٽي جي اڳواڻ غلام مصطفيٰ گوگاڻي چانڊيو سان ٿي هئي جنهن مان مون کي ٻن نياڻين 4 ورهين جي مريم ۽ 2 سالن جي ارم جي اولاد آهي، شادي جي سال تائين مڙس جو رويو بهتر رهيو. هن اڳوڻي مڙس مٿان الزام مڙهيندي چيو ته مڙس ڏوهاري ۽ ڀتا خور هئڻ جي ڪري ڪيترن ئي ڪيسن ۾ روپوش هو جنهن گرفتاري کان بچڻ لاءِ مون کي گهر مان ڪڍي ڇڏيو  جنهن ڪري آءُ پنهنجي والدين جي گهر ۾ رهائش اختيار ڪئي جتي هو مختلف وقتن تي ايندو رهيو ان کان اڳ مڙس جون ٽي شاديون ٿيل هيون جن مان هن پنهنجي ٻن گهر وارين کي طلاق ڏئي چڪو آهي ۽ سال 2017ع ۾ مڙس طلاق ڏني مون کي ٻن شاهدن جي روبرو لکي ڏنو ته هو طلاق ڏيڻ جي صورت ۾ مون کي 10 لک روپيا ۽ هر مهيني ٻارن جي خرچ لاءِ 10 هزار روپيا ڏيندو پر گذريل 6 مهينن کان مون کي ٻارن جو خرچ ناهي مليو جنهن ڪري منهنجون معصوم ڌيئرون بکون ڪاٽي رهيون آهن. هن چيو ته مون اهڙي درخواست قمبر جي عدالت ۾ داخل ڪرائي جنهن تي اڳوڻي مڙس ڪاوڙجي مون کي موتمار ڌمڪيون ڏنيون جيڪو مسلسل مون سان ناانصافيون ڪري رهيو آهي. هن لاڙڪاڻي جي ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ کي اپيل ڪئي ته اڳوڻي مڙس خلاف ڪاروائي ڪري ٻارن جي خرچ لاءِ پئسا ڏياري تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

پيرڳوٺ ۾  هيوميو پيٿڪ ڊاڪٽر پرويز احمد ميمڻ دل بيهڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو

پيرجوڳوٺ ( ن ع آ )  پيرجوڳوٺ جو مشھور هوميوپيٿڪ ڊاڪٽر پرويزاحمد ميمڻ اوچتو دل جو دورو پوڻ سبب پيرجوڳوٺ جي ميمڻ محله ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، مرحوم جي جنازي نماز درگاھ شريف پيرجوڳوٺ ۾ ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ سياسي سماجي اڳواڻن، ڊاڪٽرن، شھرين ۽ ميمڻ برادري جي ماڻهن شرڪت ڪئي، مرحوم کي پيرجوڳوٺ جي ماڪن قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو آھي، مرحوم جي پونيرن سان تعزيت جو سلسلو جاري آھي. جڏهن ته هوميوپيٿڪ ايسوسيئيشن جي صدر ڊاڪٽر گلزار احمد ميمڻ، جنرل سيڪريٽري يار محمد پاران 3 ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.