واٽس ايپ ۾ وائرل پيغامن جي حقيقت ڄاڻڻ لاءِ نئون سرچ فيچر متعارف

واٽس ايپ کي گذريل سال کان ڪوڙين خبرن جي ڪري تنقيد کي منهن ڏيڻو پيو پوي ۽ ان حوالي سان ڪمپني طرفان ڪيترائي قدم به کنيا ويا آهن.

ان کان اڳ واٽس ايپ ۾ ڪوڙين خبرن جي خاتمي لاءِ فارورڊ ميسج جي حد کي گهٽ ڪري 5 ڪيو ويو آهي، گروپ جي لاءِ نئون انتظامي ڪنٽرول متعارف ڪرايو جڏهن ته لکين اسپام اڪائونٽس تي پابندي به لاڳو ڪئي.

هلندڙ سال اپريل ۾ هڪ فيچر متعارف ڪرايو ويو جنهن جي تحت جيڪڏهن ڪنهن صارف کي گهڻو فارورڊ ٿيڻ وارو ميسيج، يعني اهڙو ميسيج جيڪو 5 ڀيرا کان وڌيڪ فارورڊ ٿي چڪو هجي، ته ان نئين پابندي جي تحت صارف ان کي اڳتي وڌيڪ 5 چيٽس گروپ جي بدران رڳو هڪ چيٽ گروپ ۾ فارورڊ ڪري سگهندو.

هاڻ واٽس ايپ ميسجز ۾ موجود ٽيڪس ۽ تصويرن جي حوالي سان ريورس سرچ جو فيچر متعارف ڪرايو آهي جنهن جو مقصد به افواهه ۽ غلط اطلاع پکڙجڻ کان روڪڻ آهي.

هي فيچر اهڙي ميسجز تي ڪم ڪندو جيڪو گهڻو فارورڊ ٿي رهيا هوندا جيئن صارف ڄاڻي سگهي ته ان پيغام ۾ موجود اطلاع درست آهي يا نه.

اهڙا گهڻا فارورڊ ٿيندڙ ميسجز جي اڳيان هڪ ميگنيفائنگ گلاس جو سائن هوندو، جنهن تي ڪلڪ ڪرڻ تي هڪ ويب سرچ لانچ ٿيندي، جيئن خبر پئجي سگهي ته اِها تفصيل ڪيتري حد تائين درست يا غلط آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.