هالي ووڊ کان پوءِ پريانڪا چوپڙا عربي فلمن ۾ به ڪم ڪرڻ جي خواهشمند

بالي ووڊ جي پگي چوپس پريانڪا چوپڙا بالي ووڊ ۽ هالي ووڊ ۾ ڪم ڪرڻ کان پوءِ هاڻ عربي فلمن ۾ ڪم ڪرڻ جي خواهش ظاهر ڪري ڇڏي.

خيال رهي ته پريانڪا چوپڙا کي شوبز سان سلهاڙجندي 20 سالن کان وڌيڪ جو عرصو گذري چڪو آهي، ڊسمبر 2018ع ۾ آمريڪي فنڪار ۽ اداڪار نڪ جونس سان شادي ڪرڻ کان پوءِ گهڻو وقت آمريڪا ۾ گذاري رهي آهي ۽ اڄ ڪل ايميزون جي سيريز ۾ ڪم ڪري رهي آهي.

سال 2000ع ۾ مس ورلڊ جو اعزاز حاصل ڪندڙ پريانڪا چوپڙا پرڏيهي نيڊيا کي ڏنل انٽرويو ۾ چيو ته عربي فلمن ۾ ڪم ڪرڻ پسند ڪنديس پر افسوس آهي ته اِها ٻولي ڳالهائي نٿي سگهان.

اداڪارا چيو ته پر نه، مون کي لڳي ٿو ته آئون ڪنهن به فلم انڊسٽري جو حصو بڻجڻ پسند ڪنديس، مون کي پنهنجو ڪم پسند آهي ۽ جيڪڏهن ائين ٿيو ته هڪ نئين ٻولي سکي وٺندس.

پنهنجي موجوده پروجيڪٽس بابت پريانڪا چوپڙا ٻڌايو ته آئون ايميزون جي لاءِ پنهنجي نئين سيريز جي شوٽنگ ڪري رهي آهيان جنهن کي روسو برادرز پروڊيوس ڪري رهيا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.